Welcome to the Bandhi Town Website
Bandhi District Shaheed Benazirabad, Sindh, Pakistan


Click here to edit subtitle

Columns Post New Entry

Take the Notice

Posted by Shabir Abbasi on November 22, 2011 at 8:00 AM

حڪومت کي وڻن جي واڍي جو نوٽيس وٺڻ گھرجي


سنڌ حڪومت وڻن جي پوکائيواڌ ويجهه لاءِ قدم کڻي رهي آهي جنهنتي سنڌ اسيمبلي ۾ڪافي بحث پڻ ٿيو آهي. ماحول کي آلودگي کان پاڪ رکڻ لاءِ  سڀ کان وڏو وسيلو وڻ ئي آهن. حڪومت ڪيٽي بندر،شاه بندر، ڪراچي، ٺٽي، بدين سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾تمر جا لکين وڻ لڳائڻ جيدعويِٰ ڪري رهي آهي جڏهن ته مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته لکين وڻ لڳايا ويا پر اڌکان وڌيڪ وڻ سڙي ويا آهن جنهن جو سبب کارو پاڻي آهي جڏهن ته حڪومت ان موقف کي ردڪندي چوي ٿي ته گذريل سال ٻوڏ جي پاڻي ۽ هن سال پوندڙ بارشن سبب کاري پاڻي جو اٿرضايع ٿي ويو آهي جنهن ڪري تمام ٿورا وڻ ضايع ٿيا آهن، هن وقت تمر ۽ نم جي وڻ جيپوکا.ئي تي زور ڏنو پيو وڃي، هڪ وڻ تي پوکائي سميت ويهه روپيه خرچ اچن ٿا. 1990کان پهرئين ٻيلن بئراجن شاخن ۽ ننڍن وڏن واهن جي ڪپرن تي ٽالهي، سرينهن، ٻٻر، ٻيرسميت وڻن جو وڏو تعداد موجود هوندو هئو جتي چند وڻن کانسواءِ ٿڙ وڃي بچيا آهن جتيوڻن جون ڊگهيون ڊگهيون قطارون هونديون هيون اتي داروغن ۽ ٻين ايريگيشن  عملدارن جي نا اهلي سبب سرڪاري ٽالهين جي واڍي۾ با اثر ڌريون اهلڪار ڪامورا آرا مشينن وارا ملوث نظر آيا آهن. ايريگيشن انتظامياجي سستي ۽ نااهلي سبب قديم قيمتي ٽالهين ۽ ٻين قسمن جا وڻ جن ۾ ٻن يا ٽن ماڻهن جوڀاڪر مس پوندو هئو  اتي اڄ وڻن بجائ لامون۽ ٿڙ وڃي بچيا آهن. ڪيترن ماڻهن انهن وڻن کي بيدردي سان ڪٽي وڍي فرنيچر در دريون ۽ٻين ڪمن جي استعمال ۾ آندو آهي، پر اتي مقرر ڪيل ايريگيشن عملدارن جي ڪن تي جون بهنه چُري آهي. جتي گرمي جا ستايل شهري پڪنڪ پارٽيون ڪري ڀرپور زندگي جا مزا ماڻينداهئا آسپاس جي ڳوٺن جا رهواسي گھاٽي ڇانو ۾ گھڙيون گھاريندا هئا ۽ سندن مال به وڻنجي ڇانوَ ۾ آسيس وٺندو هئو. پکي پکڻ پنهنجي نسل جي واڌاري لاءِ وڻن ۾ آکيرا ٺاهيوڻدڙ ۽ من موهيندڙ ٻوليون ٻولي ماحول کي خوبصورت بڻائيندا هئا. اتي شاهراهن، روڊن،رستن، بئراجن، واهن ۽ شاخن تي واري ۽ مٽي اڏامي رهي آهي جنهن سبب ننڍن وڏن واهن ۽شاخن کي گھارا پوڻ معمول بڻجي چڪو آهي ۽ جن جاين تي وڻ پوکيا ويا سي سار سنڀال نههئڻ سبب تباهه ۽ برباد ٿي چڪا آهن. پر انظاميه ۽ سڃاڻ ڌريون وڻن جي واڍي بابت سوچويچار نه ڪيو آهي، جنهن سبب ڪٿي ڪٿي نظر ايندڙ رهجي ويل وڻوڍجي ويندا ۽ ماحول معطربڻجڻ بجاءِ گندگي ۽ آلودگي جي ور چڙهي ويندو، ان لاءِ ضروري آهي ته ايريگيشن،روڊس، فاريسٽ، تعليم ۽ صحت کاتي سميت ٻين کاتن کي وڻن جي پوکائي لاءِ پابند بڻائي وڻن جي سار سنڀال کي يقيني بڻائيماحول کي خوشگوار بڻايو وڃي ۽ وڻن جي واڍي ۾ ملوث ماڻهن کي شامل ڪري قانون مطابقسزا ڏني وڃي.

شبير احمد عباسي

Categories: None

Post a Comment

Oops!

Oops, you forgot something.

Oops!

The words you entered did not match the given text. Please try again.

Already a member? Sign In

0 Comments