Welcome to the Bandhi Town Website
Bandhi District Shaheed Benazirabad, Sindh, Pakistan


Click here to edit subtitle

Columns Post New Entry

Makhdoom Shah Mehmood Qureshi

Posted by Shabir Abbasi on November 22, 2011 at 7:40 AM

 

مخدوم شاهه محمود قريشي سميت سينيئر اڳواڻ پاڪستان پيپلز پارٽي کان ناراض ڇوآهن؟

              

سابق وفاقي وزير شاهه محمود قريشي پاڪستان پيپلز پارٽي ڇڏي قومي اسيمبلي جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي امڪان آهن ته مخدوم صاحب27 نومبر تي گهوٽڪي ۾ هڪ وڏو جلسو ڪري پنهنجي مستقبل بابت سياسي حڪمت عملي جوفيصلو ڪندو، جنهن سان پيپلز پارٽي تي ڪيترا اثر پوندا اهو وقت ئي ٻڌائيندو. باقيمخدوم صاحب جو تعلق جنهن گادي سان آهي ان جا لکين عقيدتمند سنڌ پنجاب سميت مختلفعلائقن ۾رهندڙ آهن جيڪي ڪنهن به عمل کي متاثر ڪرڻ جي سگهه ضرور رکن ٿا، اهي ڪڏهنبه نه چاهيندا ته هو مرشد جو حڪم ٽاري ڪنهن به پارٽي جو ساٿ ڏين. هونئن به سنڌسميت اسانجي ملڪ جي سياست سردارن، جاگيردارن، چوڌرين، سرمائيدارن، ميرن ۽ پيرن کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي وس ۾ نه آهي. هي هڪ اهڙو موروثي عمل آهي جيڪو جاري رهندو پيواچي۽ هر ڀيري ساڳيا چهرا سندن پٽ پوٽا ۽ مائٽ مٽ ئي ميمبر رهندا آيا آهن، جنهنڪريمتوسط طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي اهڙا موقعا گهٽ ملن ٿا. مخدوم صاحب پاران پارٽيڇڏڻ بعد پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جي ايم پي ايز فارورڊ بلاڪ ٺاهڻ لاءِ فيصلو ڪري ورتوآهي، جن جو تعلق ڪنهن نه ڪنهن طرح مخدوم صاحب سان جڙي ٿو ڇو ته ان کان اڳ ۾ اهڙيونڳالهيون منظر تي نه آيون،جڏهن مخدوم صاحب پارٽي ڇڏڻ لاءِ پر سويا ته سندس حامين بهاندروني طور سندس حمايت جاري رکي جنهن بعد بظاهر پيپلز پارٽي کان ناراض ٿيل ۽تحفظات رکندڙ ايم پي ايز سان پيپلز پارٽي اڳواڻن ڳالهين جا دور شروع ڪري ۽ کينپرچائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته پارٽي قيادت اهمشخصيتن ۽ ورڪرن کي پارٽي سان اختلاف رکڻ جا موقعا فراهم ڇو ٿي ڪري. پارٽي قيادت سنجيدگيجو مظاهرو ڇو نه ٿي ڪري. جيڪڏهن پارٽي قيادت مخدوم صاحب جا تحفظات دور ڪري ها تهپنجاب ۾ فارورڊ بلاڪ جو وجود ئي نه پوي ها. مخدوم صاحب جي وڃڻ سان پنجاب جي ڪيترنعلائقن خاص طور تي سرائيڪي بيلٽ جي سياست ۾ وڏي تبديلي نظر اچي رهي آهي. مخدومصاحب جي 27 نومبر واري جلسي بعد امڪان آهن ته ڪجهه ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز پارانپڻ مخدوم صاحب جي حمايت جو اعلان ڪيو ويندو جنهن سان وقتي طور پيپلز پارٽي متاثرٿيندي. ڇو ته پيپلز پارٽي جي قيادت سان ڪيترا ئي پيپلز پارٽي جا سينيئر اڳواڻ هنوقت ناراض آهن جنهن ڪري سياسي ڪشمڪش وڌي رهي آهي ۽ پ پ قيادت آخر ايتري ناراضگيڪيئن برداشت ڪري رهي آهي؟ ۽ سينيئر اڳواڻن کي نظر انداز ڇو ڪري رهي آهي؟ ان جاڪهڙا سبب آهن؟ ان لاءِ پيپلز پارٽي قيادت کي نهايت ئي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي ڇوته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي ان لاءِ مٿن زميداري عائد ٿئيٿي ته ايتري ئي همت ۽ جرئت جو مظاهرو ڪن. .ٻئي پاسي اهي الزام هنيا پيا وڃن ته اهوسڀ ڪجهه اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي ٿي رهيو آهي، مگر اهڙا الزام سياسي پارٽين تي هردور ۾ لڳندا رهيا آهن. پر ان ڳالهه تي افسوس ضرور ٿئي ٿو ته ڪي به اڳواڻ جڏهن ڪنهنپارٽي جو حصو هوندا آهن ته هڪ ٻئي جا گيت ڳائيندي ٿڪبا نه آهن، وري جڏهن ڪنهنمرحلي تي پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو ٿيندو آهي ته اهي ئي اڳواڻ جيڪي سندن تعريفون ڪنداهئا اهي نازيبا لفظن ۽ الزامن جي بوڇاڙ ڪري ڏيندا آهن جيڪو عمل جمهوري اعتبار سانبهتر نه آهي. هر ڪنهن کي جمهوري حق آهي ته هو ڪنهن به پارٽي ۾ شامل ٿئي يا ڪنهنپارٽي سان اختلاف رکي اهو سندس جمهوري آئيني ۽ قانوني حق آهي. جيڪڏهن مخدوم صاحب پپ ڇڏي آهي ته اهو به ممڪن آهي ته هو اڳتي هلي وري پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿئي. ان لاءِسخت رويا رکڻ نه گهرجن هڪ ٻئي لاءِ نرم گوشو رکڻ گهرجي، اسان جمهوريت کي ان ڪرينقصان پهچايو آهي جو اسين هڪ ٻئي جي عزت نه ٿا ڪريون. اسان کي گڏجي جمهوريت کيمظبوط ڪرڻ گهرجي جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ويزن هئو،باقي پارٽين ۾ ڪي ماڻهو ايندا ڪي ويندا پيپلز پارٽي جي قيادت کي گهرجي ته پارٽي جيبهتري لاءِ قدم کڻي سينيئر اڳواڻن تي هڪ ڪاميٽي ٺاهي ناراض پارٽي اڳواڻن کي شاملڪري سندن جائز شڪايتون ٻڌي تحفظات دور ڪري سندن شڪوڪ و شبهات ختم ڪيا وڃن جنهن ۾پاڪستان پيپلز پارٽي جي بهتري  آهي.

شبير احمد عباسي


Categories: None

Post a Comment

Oops!

Oops, you forgot something.

Oops!

The words you entered did not match the given text. Please try again.

Already a member? Sign In

0 Comments