Welcome to the Bandhi Town Website
Bandhi District Shaheed Benazirabad, Sindh, Pakistan


Click here to edit subtitle

Columns Post New Entry

Sindhi Culture Day

Posted by Shabir Abbasi on November 22, 2011 at 7:50 AM

ايڪتا ڏهاڙي سنڌ جرڪي پئي


انسانن جي رهڻي ڪهڻي ٻولي تهذيب تمدن کيثقافت چئبو آهي، ثقافت ئي قومن جي سڃاڻپ جي نشاني هوندي آهي، سنڌ جي ثقافت هندستانايران افغانستان سميت اڄ پوري دنيا ۾ نظر اچي رهي آهي. عرب، انگريز ۽ ٻيا اسانجيثقافت کان متاثر ٿي اجرڪ ٽوپيون اوڍي ايڪتا ڏهاڙي تي جهمريون هڻي رهيا آهن، جنهنڪري سنڌ جي ثقافت عالمي ثقافت جو محور بڻجي چڪي آهي. جنهن جو سِهرو ڪاوش، ڪي ٽياين گروپ جي سرواڻ علي قاضي جي سر آهي جنهن گذريل سالن کان سنڌ جي ماڻهن سان ايڪتاجو اظهار ڪندي سنڌي قوم کي ثقافتي ڏهاڙو ڏئي سنڌي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو، جنهنڪري اڄ ساري سنڌ سميت پوري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن ايڪتا ڏهاڙو پوريجوش ۽ جذبي سان ملهايو جنهن سان سنڌ جي ثقافت جا رنگ نکري پيا.هر طرف صوفياڻا راڳرنگ، سگھڙ ڪچهريون، ملاکڙا، گھوڙن، اٺن ۽ ڏاندن جي ڊوڙ جا مقابلن سان گڏ ٽوپين،اجرڪن، رلين، گج  پڻ ثقافتي رنگن جو مهوررهيا. استادن، شاعرن، اديبن، شاگردن، شاگردياڻين، ٻارڙن، مردن، عورتن ثقافتي رنگاوڍي ريلين جي صورت ۾ رستن ۽ روڊن جو رخ ڪيو ته هر طرف رنگن جي بهار ڇانيل هئي انمرحلي ۾ ڪو به ماڻهو پوئتي نه رهيو هر طرف ايڪتا ڏهاڙي جي ڀرپور آجيان ڪئي وئي، هڪٻئي کي ٽوپين ۽ اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا، سياسي سماجي پارٽين کان سواءِ قومپرستن بههن ڏهاڙي کي ڀرپور انداز ۾ ملهايو ، سڄو ڏينهن ڪارڪن دهل ۽ شرناين تي نچندا رهيا، سنڌجي ماڻهن ايڪتا ڏهاڙي کي سياسي سماجي ۽ مذهبي لاڳاپن کان بالاتر ٿي هڪ آواز ٿي هنڏهاڙي کي قومي ڪاڄ طور ملهايو، جنهن جو انتظار کين شدت سان رهندو آهي. ان جاءِ تيسنڌ ۾بارشن سبب آيل تباهي جنهن جا اثر سالن تائين رهندا ۽ متاثرعلائقن ۾ آبادگار هاري ناري ۽ مزدور پڻ متاثر ٿيندا ۽ سندن سور ڪافي عرصي تائينسندن ساٿ نه ڇڏيندا، اهڙن متاثر مردن عورتن ٻارڙن جيڪي گھرن کان ڏور ڪئمپن ۾ زندگيبسر ڪري رهيا آهن ايڪتا ڏهاڙي تي هنن پنهنجا غم سور ۽ سختيون وساري مشعلون ٻاري ريلين۾ شريڪ ٿي قومي گيتن تي نچندا رهيا جنهن سان ماحول دلڪش بڻجي ويو. سندن غمگين چهرنتي مرڪون آڻڻ لاءِ برسات متاثرن کي ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان ٽوپين اجرڪن سميت ٻيابه تحفا ڏنا ويا. جتي اسان ڏکايل برسات متاثرن سان گڏجي کين مايوسي جو شڪار ٿيڻ نهڏنو اتي اسانکي ايڪتا ڏهاڙي تي اهو به وچن ڪرڻ گھرجي ته ان ڏينهن کي سنڌ جي ترقي ۽خوشحالي جو ڏهاڙو ڪري ملهايون، سنڌ مان جهالت جو خاتمو آڻي تعليمي ادارن جو تقدسبحال رکون، سنڌ مان ڪڌيون رسمون خارج ڪري محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏيون جيڪو اسانکيعالمن، اديبن، صوفين، شاعرن جي طرفان ورثي ۾ مليو آهي. جڏهن اسان ان درس تي عمل پيراٿينداسين تڏهن ئي اسين سنڌ جي ثقافت، تهذيب، تمدن ۽ قومي شعور جو مثال بڻباسين ڇوته دنيا ۾ جيڪي به انقلاب آيا آهن انهن ۾ وڏو هٿ استادن، اديبن، شاعرن ۽ قومي ٻڌيجو رهيو آهي. 

شبير احمد عباسي

03022110282

[email protected]

Categories: None

Post a Comment

Oops!

Oops, you forgot something.

Oops!

The words you entered did not match the given text. Please try again.

Already a member? Sign In

0 Comments