Welcome to the Bandhi Town Website
Bandhi District Shaheed Benazirabad, Sindh, Pakistan


Click here to edit subtitle

Columns Post New Entry

Afghani Pathan at Pakistan

Posted by Shabir Abbasi on November 22, 2011 at 8:00 AM

سياري جي موسم ايندي ئي افغاني پٺاڻن جا ڪٽڪ پهچڻ شروع ٿي ويا.

سياري جيموسم ايندي ئي سنڌ اندر هر سال وانگر هن ڀيري به افغاني پٺاڻن جا ڪٽڪ پهچڻ شروع ٿيويا آهن، جن جي آمد سان سنڌ اندر ڪيترا ئي مسئلا جنم وٺن ٿا مگر انتظاميا هر ڀيريهنن جي آمد کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هنن جي اچڻ سان مقامي ماڻهن جي روزگار ۾ گهٽتائياچي وڃي ٿي، جنهن ڪري ڏهاڙي ته ڪم ڪندڙ ڪيترا ئي مقامي ماڻهو بيروزگار ٿي وڃن ٿا.افغاني پٺاڻ گهٽ معاوضي تي به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا، جنهن ڪري مقامي مڻهن کينظر انداز ڪيو وڃي ٿو. سنڌ اندر ٿيندڙ ترقياتي ڪمن ۾ به هتان جي انتضاميا گھڻو ڪمپٺاڻن کان ڪرائي ٿي جنهن ڪري ٺيڪيدارن جي پڻ ڪوشش هوندي آهي ته افغانين جي ليبرکان ڪم ڪرايو وڃي، پوءِ روڊن رستن جو ڪم هجي، پٿرن جي وڇائي، ڏامر ڪرائڻ، انڊرگرائونڊ کڏا کوٽائڻ سميت ننڍا وڏا ڪم کانئن ڪرايا وڃن ٿا. جنهن ڪري مقامي غريبپورهيت ٻن ويلن جي ماني جي حاصلات لاءِ به پريشان آهن، افغاني پٺاڻ نه صرف مزدوريڪن ٿا، بلڪه چين، ڀارت، روس، ايران ۽ ٻين ملڪن مان سمگل ڪيل سامان جنهن ۾ واچون،ڪمپيوٽر، ڪلڪيوليٽر، ڊنرسيٽ، ٿرماس، ڪيمرائون، موبائيل سيٽ، ڪٽلري سيٽ، شيشي جاٿانو، ڪالين، ڪمبل، جوسر مشينون، سوئيٽر، ڪپڙا، ميڪ اپ جي سامان سميت ٻيا به ڪيترائي ائٽم شامل آهن جن کي کپائي خاصو مال ميڙي ملڪ ڏانهن موٽي وڃن ٿا. جڏهن تهڪيترائي افغاني ته موٽڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن ۽ هتي جايون جڳهون ڪرائي تي وٺيمستقل طور رهائش اختيار ڪري وٺن ٿا. جڏهن ته انتظاميا ان سڄي عمل کان باخبر هونديبهکانئن ڪجهه به پڇڻ جي زحمت نه ٿي ڪري. هتي آباد ٿيل افغاني ڪوشش ڪري پنهنجي عزيزن۽ واسطيدارن کي پاڻ وٽ گھرائي آباد ڪندا رهن ٿا. افغانين جي وڌندڙ انگ جي ڪريمقامي ماڻهو ڳڻتي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ڇو ته افغاني پٺاڻ ڪجهه سال اڳ صرف ڪراچي،حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه ۽ سکر تائين محدود هئا، مگر هاڻي انهن جو وڏو انگسنڌ جي ننڍن وڏن شهرن کان ويندي وستين ۽ واهڻن تائين پهچي چڪو آهي ۽ هن وقت کينايتري آزادي حاصل آهي جو سندن ڪاروبار عروج تي آهن ائين محسوس ٿي رهيو آهي جيئن هيهتان جا اصلوڪا رهواسي آهن ۽ سنڌ سندن ملڪيت آهي. چند سال اڳ جن شهرن ۾ ڪاروبار ۽روزگار سانگي ايندا هئا ته اڪيلا ۽ ڇڙا رهندا هئا مگر هاڻي پنهنجا ٻار ٻچا ۽عورتون به ساڻ آڻين ٿا، سندن ننڍا ٻار اسڪولن ۽ مدرسن ۾ پڙهڻ بجاءِ ويگنن بس اڏنريلوي اسٽيشن شهر جي بازارن ۽ اسڪولن جي مين گيٽن آڏو ڊرائي فروٽ سميت ڇولا،پٽاٽا، چپس، دال موٽ، مڪئي داڻا ۽ ٻيون شيون وڪڻي پنهنجي والدين جو مالي سهاروبڻيل آهن، مقامي ماڻهن کان افغاني پٺاڻ وڌيڪ محنتي جفاڪش ۽ ڪمائو آهن، جنهن ڪريهنن علائقن کي هو مال غنيمت سمجهي مال ميڙڻ جو ذريعوبڻائي پنهنجي خاندان کي خوشڪيو ويٺا آهن. افغاني پٺاڻ سادگي جي لحاظ کان اول نمبر آهن، کاڌي پيتي ۾ ڳڙ چانهه۽ ماني سندن خوراڪ بڻيل آهي ڪو به شوشا ڪرڻ بجاءِ افغانستان مان ئي آندل گرم ڪپڙابوٽ ۽ ٻيو سامان استعمال ڪن ٿا. ڪمائڻ باوجود هتان جي ڪا به خريداري نه ٿا ڪن ۽ وڌکان وڌ بچت ڪري پنهنجي ملڪ وڃي آهستي آهستي گرمي جا ڏينهن گزاريندا آهن، مٿين شهرنکان علاوه ڪيترن ئي ڳوٺن جي سلجهيل ماڻهن سياسي سماجي تنظيمن ۽ قومپرستن ڪوششونورتيون ته افغانين جي آمد کي روڪيو وڃي، مگر هن وقت تائين ڪنهن به ٻوٽو نه ٻاريو.افغاني ٿورائي بجاءِ گھڻائي ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃن، افغانستان مان ايندڙ پٺاڻن جووڏو انگ ڪو به هنر نه ٿو ڄاڻي تنهن باوجود به هو سٺن صنعتي ادارن ۾ مزدوري وٺيووڃن. شهرن جي مک چوراهن تي ريڙها لڳائي نيلامي مال جنهن ۾ سوئيٽر، بوٽ، ڪوٽ،واسڪيٽ، جوراب، جيڪٽ، لويون ۽ گرم شالون شامل آهن انهن کي کپائي روزگار تي قبضوڄمايو ويٺا آهن. اگر ڪو ايترو چوي ته دڪانن آڏو يا مک چوراهن تان حد دخليون ختمڪريو ته هو احتجاج سان گڏ جھيڙي فساد کان به نه ٿا لنوائين ڇو ته کين ٻيا پٺاڻ بهسپورٽ ڪن ٿا ان لاءِ ئي افعاني سري عام کليل داداگيري پڻ ڪن ٿا جڏهن ته ڪيترائيافغاني شهرن ۾مجمعا ڪري انهن ۾ جبلن جون جڙي ٻوٽيون مهمائي ۽ ٻيون هٿرادو ٺاهيلتيل ۽ جواني وڌائڻ واريون دوائون وڪڻي اٻوجهه ۽ مسڪين ماڻهن کي ٻنهن هٿن سان ڦريلٽي رهيا آهن. صحت کاتي کان ويندي سرڪار تائين ساري انتظاميا اگهور ننڊ ستل آهي. جنهنڪري شهرن اندر دهشتگردي جون وارداتون اڻٽر بڻيل آهن. ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌاندر افغانين جي وڌندڙ چرپر تي نظر رکي سندن آمد کي روڪيو وڃي ۽ غير قانوني طوررهيل افغانين کي نيڪالي ڏئي مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا دروازا کوليا وڃن.

شبير احمد عباسي

Categories: None

Post a Comment

Oops!

Oops, you forgot something.

Oops!

The words you entered did not match the given text. Please try again.

Already a member? Sign In

0 Comments