|
نالي واري سگھڙ مرحوم صدورو خان جمالي جي ياد ۾ ڪرايل سگھڙ ڪچهري
ڪاشف هليا اوڏهين پائي جهنگل مان جهاتي
رنــــدن راز پــوڙي اهو ذڪــر پڙهـيو ذاتـي
هن شعر جوخالق ناميارو ڏات ڌڻي مرحوم صدورو خان جمالي هو جنهن سانگھڙ ضلعي ۾ جنم ورتو اتان هجرتڪري ڦوهه جواني ۾ ٻانڌي لڳ ڳوٺ وزير خانجمالي ۾ آباد ٿي جواني جي جوڀن رت ۾ عام دنياوي خفا وساري عام ماڻهن کان لاتعلق ٿيخدا جو گھر وسائي الله الله ڪرڻ لڳو دنياوي ڪمن ڪارين کان پري صدورو خان جمالي جيخواهش مديني واري سرڪاري جي چانٺ چمڻ هو ان زماني ۾ جهازن جيپن واري سهولت نه هجڻڪري پيرين پنڌ نڪري پيو ٻه دفعا ناڪام ٿيو آخر سندس محنت رنگ لاتو ۽ هن جي سرڪارجي روضي تي حاضري ٿي واپس اچي الله انجي رسول ۽ اهل بيت جي تعريف ۾ سوين سينگاربيت ۽ شعر لکيا جن کي ڪتابي شڪل نه ملي سگھي آهي ڪجهه مواد موجود آهي جيڪو سندسڏاهپ ڏانءَ ۽ ڏات جي نشاندهي ڪري ٿو ته هو هڪ وڏو سگھڙ هئو، مرحوم 85 سالن جي ڄمار۾ جهان ڇڏي ٻانڌي ڀرسان ڳوٺ وزير خان جمالي ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيو کيس ڀيٽا ڏيڻ ۽سندس لڪل خزاني کي ظاهر ڪرڻ لاءِ سگھڙ ڪچهري ڪرائي وئي جنهن ۾ مختلف سياسي سماجيڌرين سان تعلق رکندڙن کانسواءِ ڏات جا ڏيئا ٻاريندڙن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. نوشهروفيروز،دادو، شهيد بينظيرآباد، حيدرآباد ۽ سانگھڙ سميت سنڌ جي ٻين ضلعن مان آيل ڏات ڌڻين ۽معززين شرڪت ڪئي. اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض من موهيندڙ آواز جي مالڪ محمد حسن کوسو ۽اصغر لاکي سرانجام ڏيندي ناليوارن سگھڙن کي سڏائي تشريف رکڻ جو چيو ۽ باقائداڪاروائي شروع ڪندي تلاوت ڪلام پاڪ لاءِ محمد صالح ڪورائي کي سڏيو ويو. بدر عليمحمد جمالي نبي سردار ﷺ جي شان ۾ نعت شريف پڙهي. سنڌ جي عظيم تر روايت مطابق آيلمهمانن جي مان ۾ ڀليڪار جا چند لفظ چوڻ لاءِ مرحوم سگھڙ صدورو خان جمالي جي پٽ سلطانخان جمالي سينگاريل اسٽيج تي آيو جنهن کلي کيڪاريندي معزز مهمانن کي مخاطب ٿينديچيو ته اهو قومون زنده سلامت آهن هيڪي پنهنجي محسنن کي نه ٿيون وسارين سنڌ جو اصلروح ثقافت سڃاڻ ڏات ڌڻي بزرگ، اوليا ئي آهن، جن جي پورهئي جي ڪري سنڌ سکي ستابيآهي. اڄ ڏات ڌڻين جو هيڏووڏو ميڙ ڏسي ضرور خوشي ٿي آهي مگر ايترو ضرور چوندس تهڏات ۽ ڏانءَ جي مالڪن کي پٺ تي رکيو پيو وڃي کين سرڪاري تقريبن کان علاوه نجيمحفلن ۾ پڻ موقعو فراهم ڪيو وڃي ان کان پوءِ سگھڙن پاران ڏور بيت سينگار پهاڪاشعروشاعري ڳجهارتون ڏيڻ وارو وقت اچي ويو. سگھڙ ”علي محمد جمالي“ هي سگهڙ سياڻا سڳنڌ. محبت واري محفل جوپڇائين پنڌ پيش ڪيو ۽ ٻڌندڙن کان خوب داد حاصل ڪيو. سگھڙ ابل حسين پريو ڳجھارتڏيندي چيو ته ”ولايت ذات ۾ کاڄ پاڻي ٿيو“ تهسگھڙن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي ۽ هڪ ٻئي سان صلاحون ڪري ڳجهارت کي ٽوڙيو ويو ته محفل ۾ويٺلن تاڙين جا واڄٽ ڪڍائي کين خوب داد بخشيو جيئن جيئن رات پڄاڻي تي پئي پهتي تهسگھڙن جا جوش جذبو به جوان ٿيندا پئي ويا، انهن اهڙا ته شعر، بيت، سينگار پڙهيا جومحفل ۾ موجود ماڻهو جهومڻ سان گڏ واه واه جا نعرا هڻندا رهيا، سگھڙن جا پيش ڪيلاساسا جيڪي شعر بيت وغيره آهن لکون ته صفحا ڀرجي ويندا مگر مختصر ڪندي اهولکون ٿا ته هن محفل ۾ سگھڙ گهرام خان جتوئي، سگھڙ محمد اشرف لانگاه، محمد صالحڪورائي، محمد وارث مستوئي، غلام حسين لنڊ، سليمان ڪنڊاڻي، غلام رسول لنڊ، علي گلڀٽي، غلام اصغر لاکو، قربان علي رند، دودل خان خاصخيلي ۽ ٻين سگھڙن ڏات جا ڏيئاروشن ڪندي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. سگھڙن ٻين کي خوش ڪرڻ لاءِ ته وسان نه پيگھٽايو پر هو پنهنجي دل جي اندر ضرور درد رکيو ويٺا هئا ڇو ته سندن مسئلن جي درمانلاءِ ڪير نظر نه ٿو اچي، ٻهراڙي ۾ بدامني پيدا ٿيڻ ۽ وڌندڙ مهانگائي بيروزگاري ڪريجتي قديم ريتون رسمون ۽ اوطاقون ويران ٿينديو پيون وڃن اتي ڳوٺاڻن هيڏي محفل مچائيپنهنجو پاڻ ملهايو.
شبير احمد عباسي
Categories: None
The words you entered did not match the given text. Please try again.
Oops!
Oops, you forgot something.