<script src="https://www.tealdit.com/toolbar/v1.js" mce_src="http://cdn.wibiya.com/Toolbars/dir_1088/Toolbar_1088584/Loader_1088584.js" type="text/javascript"></script><noscript><a href="http://www.wibiya.com/" mce_href="http://www.wibiya.com/">Web Toolbar by Wibiya</a></noscript>
مرڪزي عيد گاهه ٻانڌي ۾ شهر ٻانڌي جي سرزمين تي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حضورمحدث اعظم پاڪستان جي جگر گوشي ۽ ملڪ جي ناليوارن عالمن ۽ بزرگن جي آمد
عظيم الشان ۽ تاريخ ساز ساليانو عرس مبارڪ
شيخ الحديث والتفسير علامه خان محمد عباسي رحماني
بتاريخ 1 ڊسمبر 2012 مطابق 16 محرم الحرام ڇنڇر ڏينهن آچر جي رات بعد نماز عشاءِ
زير صدارت: صاحبزاده سردار ضياءُ الله شاهه جيلاني
خطابات: جگر گوشي حضورمحدث اعظم پاڪستان ، حضرت علامه صاحبزاده فضل ڪريم، پير طريقت رهبر شريعت حضرت علامه پير ڪرم الله الاهي عرف دلبر سائين، ، پير طريقت رهبر شريعت حضرت علامه منظور احمد مشهوري عرف مسڪين سائين،حضرت علامه مولانا مبلغ اسلام حافظ علي اڪبر قاسمي ۽ سنڌ جا نالي وارا عالم ۽ بزرگ شرڪت ڪندا
زيرنگراني: فاضل نوجوان علامه صاحبزاده محمد افتخار احمد عباسي
فائرنگ میں زخمی ہونے والے پیپلزپارٹی کے سابق ایم پی اے رحیم بخش جمالی زخموں کی تاب نہ لاتے ہوئے اسپتال میں دم توڑ گئے۔ نامعلوم افراد نے سوسائٹی میں رحیم بخش جمالی کو زخمی کردیا تھا جو آج زخموں کی تاب نہ لاتے ہوئے کراچی کے اسپتال میں دم توڑ گئے۔نامعلوم افراد نے مسجد میں گھس کر رحیم بخش جمالی پر حملہ کیا تھا۔ سابق ایم پی اے کے جاں بحق ہونے کی اطلاع ملتے ہی جمالی برادری اور وکلاء جمالی ہاؤس پہنچ گئے۔ رحیم بخش جمالی انیس سو اٹھاسی میں پیپلز پارٹی کے دور حکومت میں ایم پی اے اور چار مرتبہ ڈسٹرکٹ بار ایسوسی ایشن کے صدر منتخب ہوئے۔
A former MPA of the PPP Raheem Bux Jamali died on Monday after he was attacked in a mosque where he sitting in Aitqaf (10-day alienation from public for offering special prayers during Ramadan).
Jamali's enemies broke into the mosque in Benazirabad, formerly Nawab Shah and opened fire on him. He was critically injured and was under treatment. He was shifted to Karachi where the doctors could not save his life.
President Zardari has expressed his shock and directed to arrest the attackers.
ٻانڌي ۾ شهداءِ ڪربلا جي ياد ۾ ٽي پڙ برآمد
شهداءِ ڪربلا کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ٻانڌي ۽ آسپاس جي علائقن مان ٽي پڙ برآمد، ريلي جي صورت ۾ شهر جو گشت، سينا زني، ڇرين جو ماتم، شهر ۾ سيڪيورٽي انتظام سخت.
وڊيو لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو 7 ڊسمبر 2011
ڳوٺ مومن ڏاهري ۾ باهه ست گهر سڙي رک
ٻانڌي ڀرسان ڳوٺ مومن ڏاهري ۾ ڀيل برادري جي گهرن کي باهه لڳڻ سبب مصري، راڻو، ڦلو، سکيو، گانڌي جي گهرن سميت ست گهر سڙي رک ٿي ويا، گهرن ۾ موجود اناج ۽ سموري قيمتي سامان پڻ سڙي ويو، متاثرن جو چوڻ آهي ته اسانجي ڪابه مدد نه ٿي آهي، جنهن سبب کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون باهه لڳڻ سبب گهرن ۾ موجود سمورو سامان سڙي ويو آهي، جڏهن ته هڪ پاڏو پڻ سڙيو آهي.
3 ڊسمبر 2011 (رپورٽ ۽ فوٽيجز : طارق جمالي)
ٻانڌي ۾ ڏاهري برادري ۾ جهيڙو هڪ ڄڻو مارجي ويو
ٻانڌي جي شهرين جو سنڌي لباس پهري ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان
ٻانڌي 19 ۽ 20 نومبر جي ڏينهن کي ثقافتي ڏهاڙي طور ملهائڻ لاءِ شهري اتحاد جي اڳواڻن محمد ابراهيم پتافي، محمد بخش، بابر گجر خاصخيلي، محمد اشرف خاصخيلي، جاويد حسين خاصخيلي، عبداللطيف ڏاهري، رئيس يار محمد خاصخيلي، پيپلز پارٽي جي ايڊووڪيٽ غلام محمد خاصخيلي مڪمل سهڪار ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي هنن چيو ته 4 ڊسمبر تي خاصخيلي شاپنگ سينٽر کان هڪ وڏي ريلي ڪڍي سنڌي ٽوپيون پهري اجرڪون اوڍي شهر جو گشت ڪيو ويندو.
عيد ميلاد النبي جي سلسلي ۾ ريلي
ٻانڌي شهر ۾ هر سال عيد ميلادالنبي وڏي جوش و خروش سان ملهايو ويندو آهي جنهن ۾ شهر جي ڪيترن ئي علائقن مان ننڍا وڏا جلوس برآ۾د ڪيا ويندا آهن مرڪزي جلوس مرڪزي عيدگاه کان شاهي بازار اسٽيشن روڊ کان ٿيندو جڏهن حسيني چونڪ تي پهچندو آهي ته شهر جا ٻيا ايندڙ جلوس ان ۾ شامل ٿي ويندا آهن جنهن سان مسلمانن جا جوش ۽ جذبا وڌي ويندا آهن ان جاءِ تي شهر جا عالم مولانا صاحبزاده افتخار احمد عباسي، مولوي شاهنواز گورچاڻي، حافظ عبدالرحيم بروهي، قاري رياض آرائين خطاب ڪندا آهن ۽ مشهور نعت خوان نعتون پڙهندا آهن ۽ شهري ڪاميٽي جي اڳواڻن رئيس عبدالواحد جمالي، ڊاڪٽر صغير آرائين، منگھ خان جمالي، شريف ڪاسائي استاد محمد حسين ڏاهري، ڊاڪٽر محمد لطيف ۽ ٻين شهرين پاران مٺائي ۽ لنگر تقسيم ڪيو ويندو آهي دعوت اسلامي، رحمانيه ٽرسٽ، انجمن طلباءِ اسلام، شهري اتحاد ۽ ٻيون تنظيمون ڀرپور حصو وٺنديون آهن.
تاريخ؛ 24.4.2010
پريس ڪلب اليڪشن تقريب
ٻانڌي پريس ڪلب ڪافي عرصي کان صحافتي خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي جنهن ۾ هر سال چونڊن ذريعي عهديدار چونڊيا ويندا آهن هر سال جيان هن سال 2009 ۾ صدر احمد خان جمالي ، جنرل سيڪريٽري شبير احمد عباسي نائب صدر غلام محمد غوري ۽ ٻيا عهديدار چونڊيا ويا حلف برداري تقريب کي ضلعه ناظم عبدالحق جمالي، تعلقه دوڙ ناظم خرم يار محمد بروهي،افتخار عباسي ۽ ٻين خطاب ڪندي ٻانڌي پريس ڪلب جي صحافين جي ڪردار کي ساراهيو، ان موقعي تي ضلعه ناظم شهيد بيظيرآباد پريس ڪلب ٻانڌي لاءِ 30000 روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ تعلقه ناظم خرميار محمد بروهي پريس ڪلب جي نئين عمارت ٺاهڻ لاءِ پلاٽ ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو.
تاريخ: 07.1.2009
سيد انور علي شاه جو ميلو
سنڌ صوفين درويشن عالمن ۽ الله لوڪ ماڻهن جي ڌرتي آهي جن هر موڙ تي امن محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي اهڙن درويش صفت انسانن مان سيد انور علي شاه بخاري به هڪ آهي جنهن جي ياد ۾ هر سال صفر جي مهيني ۾ شاندار ميلو منعقد ڪيو ويندو آهي سڀ کان پهريان هاءِ اسڪول ٻانڌي ڀرسان قائم قبرستان اندر سندس درگاه تي گلن جي چادر چاڙهي ميلي جو افتتاح ڪيو ويندو آهي ميلي اندر سرڪس، ٻارڙن جا جهولا موت جو کوه چڙيا گھر ۽ مٺائين جا دڪان سجايا ويندا آهن هن ميلي جي خاص ڳالهه سنڌ جي ثقافت ملهه مقابلو آهي جنهن ملڪ جي چئني صوبن جا مله پهلوان پنهنجا داو پيچ ڏيکاري هزارين شائقين کان انعام اڪرام ۽ داد وصول ڪندا آهن ميلي جي پڄاڻي تي مله پهلوانن کي ايوارڊ ڏنا ويندا آهن ۽ هڪ خاص تقريب ڪوٺائي درويش سيد انور علي شاه جو زندگي تي روشني پڻ وڌي ويندي آهي.
تاريخ:
17.2.2009
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ياد۾ والي بال ٽورنامينٽ منعقد
ٻانڌي ۾ ڪرڪيٽ، هاڪي، فٽ بال، ونجهه وٽي، ڪٻٽي سميت ڪيتريون ئي رانديون کيڏيون وڃن ٿيون پر جيتري پزيرائي والي بال کي حاصل آهي ايتري شايد ٻين راندين کي ناهي شهر جي ميدانن تي والي بال جا ضلعي ڊويزنل ۽ صوبائي ستح جا ٽورنامينٽ ٿيندا رهن ٿا جنهن ۾ عوام بيحد دلچسپي وٺي ٿي
تاريخ:
17.1.2010
ناري نازان شيخ تي سندس مڙس جو تشدد
ٻانڌي شهر ڀرسان خيما بستي ۾ رهندڙ نازان شيخ جي والده پريس ڪلب ٻانڌي پهچي پنهنجي ڌي تي مڙس پاران ڪيل تشدد جو ذڪر ڪيو جنهن تي صحافين جي ٽيم شبير عباسي(سنڌ ٽي وي نيوز) ، قمبر جمالي، محمد بخش مري، سڪندر علي جمالي (ڪئمرامين سنڌٽي وي نيوز سلمان عباسي) متاثر ناري جي گهر پهتا جتي نازڪ حالت ۾ کٽ تي پيل ناري سان ملاقات ڪئي جنهن مڙس پاران ٿيندڙ زيادتين ڌاڍاين ء تشدد جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته منهنجي مڙس بغير ڪنهن سبب جي منهنجا وار ڪتري نازڪ عضون تي ڏنڀ ڏيڻ بعد سخت تشدد ڪري زنجير ۾ تالو هڻي کث سان ٻڌي ڇري سان ڪهڻ جي ڪوشش ڪئي ڪنهن خدا ترس دوڙ ٿاڻي تي اطلاع ڪيو پوليس جي بروقت پهچڻ سبب آءُ ڪسڻ کان ته بچي ويس پر هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي چڪي آهيان، مونکي انصاف ڌيارو وڃي صحافين جي رپورٽن بعد دوڙ ٿاڻي تي جوابدار ڄام شيخ تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
تاريخ: 12.5.2009
دنيا اندر ڪيترن ئي قسمن جا شوق رکيا وڄن ٿا جن مان تتر پالڻ جو شوق وڏي اهميت رکي ٿو. اهڙن شوقينن جو اجتماع ٻانڌي ڀرسان ڳوٺ محمد ادريس آرائين ۾ رٿيو ويو جنهن ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان شوقين پنهنجا سوين تتر ساڻ ڪري هڪ وڏي پنڊال ۾ پهتا جتي تترن ۾ ٻولڻ جو مقابلو شروع ڪيو ويو صبح کان وٺي شام جو 5 وڳي تائين هلندڙ مقابلي ۾ 3 تترن ڪاميابي ماڻين جن جي مالڪن کي هزارين روپيا نقد انعام ۽ تترن جي پيرن ۾ سونيون ڪڙيون
سمنڊ رستي سعودي ويندڙ ٻانڌي واسي مارجي ويو، ڪيترائي گرفتار ٻانڌي لڳ ڳوٺ 59 نصرت جو رهواسي رحيم بخش جمالي بک ۽ غربت کان تنگ ٿي ڪراچي کان سمنڊ رستي دبئي پهتو ته بارڊر تي چيڪنگ دوران ڀڄڻ تي کيس گولي هڻي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته ان سان گڏ ٻيا ڪيترائي نوجوان گرفتار ڪيا ويا آهن، جيڪي سعوديءَ جي اهلڪارن جي تحويل ۾ آهن، جڏهن ته واقعي کان پوءِ نوجوان جو لاش ڪالهه ٻانڌي آندو ويو، جتي سوين عزيزن جنازي نماز بعد مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪري ڇڏيو. خميس 23 ڊسمبر 2010ع
مورو-ٻانڌي روڊ تي هٿياربندن هٿان نوجوان قتل ٻانڌي ڀرسان هٿياربندن هٿان نوجوان قتل ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ٻانڌي شهر م ڳوٺ آچر جمالي جي 20 ورهين جي نوجوان نديم جمالي کي اڻ ڄاتل همراهه ڪرائي تي موٽر سائيڪل وٺي ان کي به گڏ وٺي ويا، جنهن کان پوءِ پٻجو ٿاڻي جي حد مورو-ٻانڌي روڊ تي صادرو پوليس چوڪي وٽ سم نالي ڀرسان فائر ڪري نوجوان کي قتل ڪري موٽر سائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا. پٻجو پوليس لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. لاش ڳوٺ پهچڻ تي عزيزن ۾ ڪهرام مچي ويو. آچر 26 سيپٽمبر 2010ع
ٻانڌيءَ ۾ مڙس نوجوان گهر واريءَ جو ڇريءَ سان اڌ ڳلو ڪٽي ڇڏيو ٻانڌي شهر جي اسلم ڪالوني وارڊ نمبر هڪ ۾ مير خان کوکر نالي شخص پنهنجي 22 ورهين جي نوجوان گهر واري شهزاديءَ جو ڇريءَ سان اڌ ڳلو ڪٽي فرار ٿي ويو. دانهن تي پاڙيوارن پهچي سندس مدد ڪئي ۽ ناري جي وارثن کيس پي ايم سي اسپتال نوابشاهه ۾ داخل ڪرايو آهي، جتي سندس حالت بهتر ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته ٻانڌي پوليس آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ڪيو هو ۽ نه ئي ڪو جوابدار گرفتار ٿي سگهيو هو جمعو 25 جون 2010ع پارايون ويون.