ٻانڌي شهر جي آبادي تقريبن 40،000 آهي، جنهن ۾ گهڻائي مسلمانن جي آهي، مختلف ذاتين عباسي، ڪلهوڙا، جمالي، ڏاهري، چانڊيا، کوکر، خاصخيلي، سيد، بروهي، لاشاري، ڪنڀر، مري، پنهور، برهماڻي، سنجراڻي، ملڪ، ميرجت، پتافي، پنجابي، آرائين، غوري سميت ٻين ذاتن سان تعلق رکندڙ ماڻهو هتي رهن ٿا. آزادي جي وقت هندستان مان لڏ پلاڻ ڪري آيل مهاجر برادري جا ماڻهو هتي آيا جيڪا اڃا اتي آباد آهن، ٻانڌي جا ماڻهو اسلام جي مختلف فرقن جينئن بريلوي، ديوبندي، فقه جعفريه سان تعلق رکن ٿا، هر هڪ ماڻهو پنهنجا مذهبي ڏهاڙا/تهوار جوش و خروش ۽ مڪمل آزادي سان ملهائن ٿا،جنهن ڪري اڄ تائين اتي ڪوبه ناخوشگوار واقعو پيش ناهي آيو.
Population of Bandhi is above than 40,000 in which more are Muslims, including many
Casts like Abbasi, Kalhora Jamali, Dahri, Chandio, Khokhar, Pitafi, Khaskheli, Sayed, Brohi, Lashari, Kumbhar¡ Mari, Panhwer, Berahmani, Sanjirani, Malak, Mirjatt, Punjabi, Arain, Ghouri and others. During the period of independence Muhajars also came here and they are still living here. People of Bandhi belong to different Islamic religious like Bralvey, Dewbandi and Fikr-e-Jafria. Every one spent there religious days with a great devotion and still today there is not caused any religious angriness
ٻانڌي
ريلوي اسٽيشن
تمام پراڻي
آهي، اها 1810ع ۾ ٺهي.
ان وقت ۾
سبزيون،
بـهه،
گاهه،
ڪپهه/ڦٽي، ڪاٺيون،
چانور، مڪئي، ڪڻڪ، ڳڙ،
سبزيون ۽ فروٽ
تمام وڏي
مقدار ۾ ٿيندو
هو، اهي شيون
پنجاب، خيبر
پختونخواهه، بلوچستان
۽ سنڌ جي
مختلف شهرن ۾
ريل ذريعي موڪليون
وينديون هيون. ڇو ته ان
وقت ۾ روڊ ۽ ٽرانسپورٽ
جي سهولت
موجود نه هئي،
ماڻهو پڻ هڪ
شهر کان ٻئي
شهر وڃڻ لاءِ
ريل جو سفر ڪندا
هئا. پر اڄ
ريلوي
انتظاميا جي
نااهلي سبب ملڪ
جي مختلف
علائقن ڏانهن ٿيندڙ
واپار مڪمل
طور بند ٿي چڪو
آهي، جنهن سبب
بيروزگاري ۾
اضافو ٿي چڪو
آهي. ريل گاڏين
جا اسٽاپ نه
هئڻ ڪري ٻانڌي
جي شهرين کان
سفري سهولتون
کسيون ويون
آهن، جنهن سبب
ٻانڌي اسٽيشن
ويراني جو ڏيک
ڏئي رهي آهي.
Bandhi Railway Station
is very old, it was established in 1810. During that period the trade of
vegetables, manure, husk, hay, cotton, sticks, rice, wheat, burry and maize was
in full swing. These things were sent to the
ٻانڌي
۾ ڪيترن ئي
صوفين،
بزرگن، اوليا
الله جون
مزارون موجود
آهن جن
پنهنجون
زندگيون الله
جي راه ۾
گذاريون.
In Bandhi Daegah's are
present of famous Sufi's and God's Lovers. Which spend there lives in Gods
worship and God's love.
Sayed
Anwer Ali Shah
Dargah of Sayed Anwer
Ali Shah
سيد انور علي
شاه جي مزار
سيد
انور علي شاه
جي مزار ٻانڌي
۾ موجود آهي،
سيد انور علي
شاه جو 3 ڏينهن
وارو ميلو هر
سال ملهايو
ويندو آهي، جنهن ۾
ماڻهو سڄي ملڪ
مان شرڪت ڪندا
آهن.
Dargah of Sayed Anwer
Ali Shah is included at Bandhi, The three day "MELLA" of Sayed Anwer
Ali Shah celebrates. Peoples comes there from all over country
Mufti
Khan Mohd Rahmaniمفتي خان
محمد رحماني
تمام
مشهور عالمي
دين مفتي خان
محمد رحماني جي
مزار پڻ ٻانڌي
۾ موجود آهي،
مفتي خان محمد
ديني خدمادت
لاءِ تمام
مشهور رهيو
آهي، هن جا
سوين شاگرد اڄ
به ملڪ جي
مختلف شهرن ۾
ديني خدمات
سرانجام ڏئي
رهيا آهن.
مفتي خان محمد
جو ساليانو
عرس مبارڪ هر
سال 10 محرم
الحرام تي جوش
و خروش سان
سندس قائم ڪيل
مدرسي ۾
ملهايو ويندو
آهي.
Very famous
Aalim-e-din Mufti Khan Muhammad Rahmani's Mazar is also present. He is very
famous for his works which he did for his religion, There hundreds of students
are till today present in country and they are also working for religion and
they are spreading his messages. The annual Urs Mubarak of Mufti Khan Mohd
Rahmani celebrates every year on 10th Moharam-ul-haram in Madirsa which was
established by him.
Makhdoom
Ab-ul-Hasan Dahri مخدوم
ابولحسن ڏاهري
سنڌي
تختي (الف-ب) جو
باني مخدوم
ابولحسن جيڪو ڏاهري
برادري سان
تعلق رکندڙ
هيو هن جو
مقبرو ٻانڌي
کان ڏکڻ طرف 8 ڪلو
ميٽرن جي
مفاصلي تي
آهي، هن ديني
تعليم سنڌ ۽
سعودي عرب مان
حاصل ڪئي،
جنهن بعد هي
سعودي عرب ۾ ڪيترن
ئي ديني مدرسن
۾ استاد پڻ
رهيو، هي سنڌي
الفابيٽ جو
باني پڻ آهي،
هن جون تمام
گھڻيون ديني
خدمات آهن، هن جو
عرس هر سال 8 ۽ 9
ذولحج
تي ملهايو
ويندو آهي، جنهن
۾ ڪيتريون ئي ڪانفرنس
پڻ ڪوٺايون
وينديون آهن،
بدقسمتي جي ڳالهه
اها آهي ته اڄ ڏينهن
تائين هن بزرگ
جي مزار تي
پهچڻ لاءِ ڪو
روڊنه ٺاهرايو
ويوآهي ۽ نه
ئي ڪا آرام
گاه، يا
زائيرين لاءِ
پاڻي جو
انتظام آهي.
سندس خدمات جي
بدلي ۾ سندس ڳوٺ
۾ يونيورسٽي
تعمير ٿيڻ گهرجي
هان پر اتي ڪو
اسڪول به
موجود نه آهي.
Founder
of Sindhi alphabet Makhdoom Abul Hasan belongs to Dahri family, his grave is to
south about 8 km from Bandhi city. He got his Islamic education from Sindh and
Arbustan, after that he also taught in many Madaris as a teacher in Saudi
Arabia, , He is also known as founder of Sindhi Alphabet, His work for Islam is
very numerous, His URS is held every year at 8th and 9th
Zulhaj, in which Many conferences are also being held, Unfortunately there is
not any road to reach at the grave of Abul Hasan Dahri. There is not any rest
house and not any faculty of water for tourists who come at his grave yard and
for his contribution there should be university at his village but it is very
unfortunate there is not any school.
درگاهـ
سخي ڄام ڏاتار
ڄام صاحبTomb of Sakhi Jam Datar
هي بزرگ
جنهن جو اصل
نالو اصغر علي
شاهـ آهي ، هن
بزرگ جي درگاه
شريف ٻانڌي
کان اوڀر طرف 50 ڪلو
ميٽر جي
مفاصلي تي
يوسي ڄام صاحب
۾ واقع آهي. هي
بزرگ سخاوت ۾
تمام گهڻو
مشهور رهيو
آهي، جنهن ڪري
سخي ڄام ڏاتار
سان مشهور
آهي، هر سال
سندس عرس مبارڪ
۽ ميلو پڻ لڳندو
آهي. بزرگ جون ڪيتريون
ئي ڪرامتون
مشهور آهن، جن
۾ سندس وصال
کان پوءِ هن
وقت تائين ڄام
صاحب شهر اندر
ڪابه ٻه ماڙ
عمارت تعمير ٿي
نه سگھي آهي.
جنهن لاءِ وڏي
ڄمار جي ماڻهن
جو چوڻ آهي ته
بزرگ پنهنجي
روضي کان مٿي ڪابه
عمارت ٺهڻ
پسند نه ٿو ڪري.
هتي هر روز
هزارين پانڌيئڙا
اچي حاضري ڀري
من جون مرادون
پوريون ڪن ٿا.
هر ماه پهرئين
سومار تي ميلي
جو سماءُ هوندو
آهي. سڄو سال
هتي ڪاتي نه
سُڪندي آهي.
هن درگاهـ
شريف کي رنگن ۾
رنـڱڻ لاءِ
محترم آصف
زرداري ۽
فريال ٽالپر
پنهنجي ذاتي
دلچسپي ورتي ۽
ترقياتي ڪمن
جو آغاز ڪيو
نوابشاهـ کان
درگاهـ شريف
تائين هڪ
بهترين روڊ ٺهرائي
روضي ۽ مسافر
خاني جو
تعميراتي ڪم ڪرائي
اعلى مثال
قائم ڪيو آهي،
Great saint Sakhi Jam
Datars real name is Asghar Ali Shah, his tomb is about 50 Kilometers away from
Bandhi at UC Jam Sahab, and He was very famous for his miracles, due to that he is
popular as Sakhi Jam Datar, every year his URS and MELA ceremony held, his
generousity are very popular, as after his death there is not any second story
building in Jam Sahab, about that elder people say Sakhi Jam Datar dislike
double story building, above his tomb. Every day thousands of people come here
and pray to complete their heart wishes. Every month on 1st Monday
his shrine give view like a ceremony,
President Aasif Ali
Zardari and his sister Fariyal Talpur showed his personal interest, to improve
this shrine and start working to make it more beautiful.
Bheem Jo Daro ڀيم جو دڙو
ٻانڌي
۾ موجود ڀيم
جو دڙو جنهن
کي لاڙڪاڻي ۾
موجود موئن جي
دڙي سان ڀيٽايو
وڃي ٿو، اهو 38
ايڪڙن ۾ ڦهليل
آهي، 1965ع دوران
سنڌ حڪومت هتي
کوٽائي ڪئي جن
هن دڙي جو مين
گيٽ ڳولهيو. ٽيم
شروعاتي
مرحلي ۾ چيو
ته هن دڙي کي
چوڌاري هڪ وڏو
ڪوٽ ڏنل آهي
اسان کي هتان
تمام گهڻي
معلومات ملي
سگھي ٿي. 1965ع ۾ پاڪستان
۽ هندوستان جي
درميان لڳل
جنگ دوران ڪنهن
به هن تاريخي
دڙي جو خيال
نه ڪيو ۽ ٽيم
جيڪا 5 ميمبرن
تي مشتمل هئي
اها به مختلف
مسئلن جي ڪري ڪم
ڇڏي هلي وئي,
جنهن بعد دڙي ڀرسان
رهندڙ مقامي
ماڻهن سون ۽
چاندي جي لالچ
۾ هتي کوٽائي
شروع ڪئي . کوٽائي
دوران انهن
هتان سڪا، ٿانو،
انساني هڏا،
سرون،
مورتيون،
رانديڪا۽ ٻيون
پراڻيون شيون
لڌيون. هن وقت ڪيترا
ئي ماڻهو دڙي
جي ايراضي ۾
قبضو ڪري ويٺا
آهن. حڪومت جي
لاپرواهي ۽ بي
ڌياني سبب هن
تاريخي ماڳ جا
آثار ميسارجي
رهيا آهن.
Bheem Jo Daro
at Bandhi is compared with Moen Jo Daro at Larkana, It is spread in 38 Akers,
in 1965 by the Government of Sindh digging was done at this Daro and they found
its main gate. The team told that this Daro is coated by large castle and we can
get much information about this Daro, during the battle between India and
Pakistan in 1965 no body has take care of Daro and the team which was
depended upon five members did not do their work due to many difficulties.
After that local peoples who were living near it, Came here and they started
digging because they thought that there would be gold and other pericious
things, during digging they found humans skeleton, Skull, Coins, Pots, Pottery,
Bricks and other things. Now days no one is taking care about this ancient
Bheem Jo Daro. And now people are living near by it. By the care less of
Government this ancient Daro is going to be in more bad condition.
عامر
جي ڍنڍ تمام
پراڻي ڍنڍ
آهي. اها ڍنڍ 6x4 ميل ۾ ڦهليل
آهي، سياري جي
موسم ۾ ٻاهرين
ملڪن جا
پرديسي پکي وڏي
تعداد ۾ اڏامي
ايندا آهن. هن ڍنڍ
۾ مڇي ۽ پکين
جو شڪار وڏي
تعداد ۾ ٿيندو
آهي اهو چيو
پيو وڃي ته هن ڍنڍ
جي ساڄي پاسي
پراڻو ٻانڌي
شهرموجود
هئو، تڏهن هتي
گھڻائي هندن
جي هئي، ان
وقت جا ماڻهو ٻيڙي
ذريعي ٻانڌي
شهر ڏانهن اچ
وڃ ڪندا هئا.
اهو پڻ چيو وڃي
ٿو ته ميربحر
برادري سان
تعلق رکندڙ 3 ڀيڻون
مائي ٻانڌي.
مائي بڇهري ۽
مائي دوڙ هتي
رهنديون هيون
جيڪي ماڻهن کي
ٻيڙي ذريعي ڍنڍ
پار ڪرائينديون
هيون جن جون
مختلف علائقن ۾
شاديون ٿي
ويون، جنهن
بعد سندن نالن
پٺيان شهر جڙي
ويا.
The history of Aamir
Jee Lake is an old mystery. Its spread in 6x4 Miles; in the season of winter
birds from foreign countries come here, a very great number of fishes and birds
are hunted here, it is told that "at the right side of this lake old Bandhi city was located". At that time majority of
Hindu's population was living there and they used to go by boats to reach
Bandhi city. Its
also told that there was three sisters belonging to MEER BAHAR family was
living here, who transfer people from one to another bank by boats, after that
these siters married to different areas, And there names were taken at cities.
ٻانڌي
جا ماڻهو
مختلف ڌنڌن
سان تعلق رکن ٿا،
گھڻي قدر ماڻهو
زراعت سان لاڳاپيل
آهن. ڪافي ماڻهو
فيڪٽرين ۾ ڪم ڪن
ٿا هتي جا ماڻهو
ڪنڀار پڻ آهن
جيڪي ٺڪر جا ٿانو ٺاهيندا
آهن، ان کان
علاوه واڍا
لوهار۽ ٻيا ڌنڌا
پڻ ڪيا ٿا وڃن،
ٻانڌي جا 80 سيڪڙو
ماڻهو پڙهيل
لکيل آهن.
We can find many persons doing different occupations to earn money
in Bandhi but mostly people does agriculture,
Peoples large population is also working in factories and some people are
potters, carpenters and others. Citizens are well educated 80% peoples are good
educated in Bandhi.
مالپڙي
سنڌي زبان جو
لفظ آهي، جنهن
جو مطلب
جانورن جي واپار
جو هنڌ آهي، ٻانڌي
جي مالپڙي
پوري سنڌ ۾
مشهور آهي، هن مالپڙي ۾ ٻڪرا،
مينهون، ڍڳا،
رڍون ۽ ٻين
جانورن جو
واپار ڪيو
ويندو آهي.
اهي جانور ملڪ
جي مختلف شهرن
ڏانهن موڪليا
ويندا آهن، جيڪو
ناڻو ڪمائڻ جو
هڪ سٺو ذريعو
آهي.
Malpiri is a Sindhi language
word which means place of animal's selling. Bandhi Malpiri is very famous in allover Sindh,
in this Malpiri goat, camels, buffalos, bulls, oxen,
sheep are sold. These animals are sent to، many parts of country and it is a good
source to earn money.
ٻانڌي
شهر جا 80 سيڪڙُ
ماڻهو تعليم
يافتا آهن جيڪي
ٻين ماڻهن جي
لاءِ خدمات
پيش ڪري رهيا
آهن. ٻانڌي
شهر ۾ سرڪاري ۽
نجي اسڪولن جو
وڏو تعداد
موجود آهي، جن
۾ پرائمري
بوائز سنڌي اسڪول،
گرلز سنڌي/اردو
اسڪول، گرلز
هائير اسڪول،
بوائز هائي اسڪول
۽ ٻيا موجود
آهن.
80% citizens are well
educated and are serving their lives in faculties of there followers and
other citizens. There are a big amount of Government and Private Schools in
Bandhi. Primary Boys Sindhi Schools, Girls Sindhi/Urdu School,
ٻانڌي
جي 70 سيڪڙو
ايراضي تي
مشتمل زمين
آباد ۽ 30 سيڪڙو
زمين سم/ڪلر
جي ور چڙهيل
آهي. جيڪا
زمين آباد
آهي، ان ۾ ڪڻڪ،
ڦٽي، اناج، مڪئي،
ساريون، ڪمند
موجود آهن ۽
مختلف قسمن جا
ميوه ڪيلا،
نارنگيون،
انب، ليمان،
بهمڱ، زيتون، ڇانهان
پڻ پوکيا وڃن ٿا.
هتي ڪافي
ايراضي ۾ ڀاڃيون
پڻ پوکيل آهن،
پاڻي جي کوٽ
سبب ماڻهو
مختلف ڏکيائن
کي منهن ڏئي
رهيا آهن،
تنهن باوجود
اهي سٺو فصل
اپائي رهيا
آهن ۽ ناڻو ڪمائڻ
سان گڏوگڏ
زراعت جي دنيا
۾ پنهنجو نالو
پڻ روشن ڪري
رهيا آهن.
The agriculture in
Bandhi is well being 70% land is fertile and 30% land is like lagoon, The
fields which are fertile, wheat, cotton, grain, maize, barely, rice, sugar cane
are included and in the field of fruits bananas, oranges, mangoes, lemons,
berries, Peanuts, Date, Ground nut, Guava, watermelon are fertile in it, And a
larger amount of vegetables field are also here. Due to the shortage of water, peoples are facing many difficulties, although
they are doing very good agriculture. And they earn money by their efforts and
they had shined there name in the field of agric culture.