<script src="https://www.tealdit.com/toolbar/v1.js" mce_src="http://cdn.wibiya.com/Toolbars/dir_1088/Toolbar_1088584/Loader_1088584.js" type="text/javascript"></script><noscript><a href="http://www.wibiya.com/" mce_href="http://www.wibiya.com/">Web Toolbar by Wibiya</a></noscript>
جڏهن
مون ٻانڌي کي دنيا
آڏو پيش ڪرڻ
لاءِ سوچيو ته
هڪ ويب سائيٽ
ٺاهي جنهن ۾ ٻانڌي
شهر جي تاريخ
پيش ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي جنهن
لاءِ ٻانڌي شهر
جي سينيئر
صحافين سياسي
سماجي اڳواڻن
سان رابطا ڪيا
جن شهر ۽
آسپاس جي باري
۾ ڀرپور معلومات
ڏيڻ ۾ تعاون
ڪيو جن ۾
سرفهرست سينيئر
صحافي بشير
احمد پنهور
شبير احمد
عباسي شوڪت
علي لاشاري افتخار
عباسي جسقم
اڳواڻ سردار
خاصخيلي ق ليگ
اڳواڻ ممتاز
جمالي بشير
غوري محمد بخش
مري غلام قادر
خاصخيلي ۽ ٻين
ڀرپور تعاون
ڪري معلومات ۾
اضافو ڪيو هن
شهر بابت ڏنل
معلومات حتمي
هرگز ناهي اگر
ڪنهن به دانشور
يا شهري کي
ٻانڌي بابت ڪا
ڄاڻ هجي ته
اسان جي
معلومات ۾
اضافو ڪري ويب
سائيٽ جي زينت
بڻجي.
تاريخ: 1.1.2010 دانش
عباسي
هندستان
۽ پاڪستان ٺهڻ
کان اڳ ٻانڌي
شهر جي سوچي
ڪالوني ۾ آباد
هندو برادري
مسئلن جي ور چڙهيل
آهي تعلقه
ڪائونسلر
مصري سوچي
دانهيدي چيو
ته اسين
پاڪستاني
آهيون ۽
پاڪستان سان
محبت ڪريون ٿا
پر حڪمرانن هر
دور ۾ اسان کي
پوئتي ڌڪيو
آهي اڄ ڏينهن
تائين اسان جي
ڪالوني ۾
صفائي پيئڻ جي
پاڻي نالين ۽
تعليم جي ڪا به
سهولت موجود
ناهي ايتري
تائين جو اسان
جي مندر لاءِ
منظور ٿيل رقم
منظور نظر
ماڻهن جي ور چڙهي
وئي آهي 8 ٻارن
جي پيءُ سکيا
مل ٻڌايو ته
جهٽڪي ۽ پوليو
جي بيماري سبب
منهنجا 4
ٻارڙا فوت ٿي
چڪا آهن هن
وقت به منهنجي
معصوم ڌي
جانڪي بستري
تي پيل آهي ۽
پٽ پوليو جي
پرض ۾ ورتل
آهي ۽ پريشاني
سبب ذهني مريض
بنجي چڪو آهي
ايترن هاڃن باوجود
ڪو به ڊڪٽر يا
سرندي وارو
اسان جي در تي
لڙي نه آيو
آهي ٻڍڙي عورت
هٿ ٻڌي
روئيندي ٻڌايو
ته منهنجو مڙس
فوت ٿي چڪو
آهي ۽ مونکي
ڪوبه اولاد نه
هئڻ سبب سخت پريشانين
کي منهن ڏيڻو
پئجي رهيو آهي
هن وقت منهنجي
نظر به ختم ٿي
چڪي آهي ڪو به
سهارو نه هئڻ
باوجود ڪا به
امداد نه مئي
ملي ضرورت ان
ڳاله جي آهي
ته ملڪ اندر
اقليتن لاءِ
جڙيل قانون کي
اڳتي آڻي هن
پٺ تي پيل
انسانن جي
ڀرپور مدد ڪئي
وڄي جينئن هو
پاڪستاني
سڏائڻ ۾ فخر
محسوس ڪن.
تاريخ:
30.7.2008 شبير
عباسي(سنڌ ٽي
وي نيوز)
ٻانڌي
ڀرسان ڳوٺ ملا
غلام رسول (جينداڻي)
جمالي ۾
سنڌ جي مشهور
سگھڙ مرحوم
حاجي صدورو
خان جمالي جي
ياد ۾ ڊسمبر
جي مهيني ۾
باه جا مچ
ٻاري سگھڙ
ڪچهري ڪوٺائي
وئي سڀ ڪا
پهرئين آيل
مڙني مهمانن کي
ماني کارائي
وئي جنهن بعد
تقريب جو آغاز
تلاوت ڪلام
پاڪ سان ڪيو
ويو سگھڙ اصغر
لاکي ڪمپيئرنگ
جا فرائض
سرانجام ڏيندي
سنڌ جي مختلف
ضلعن خيرپور
ميرس
نوشهروفيروز
نوابشاه
گھوٽڪي دادو
سانگھڙ
ڄامشورو ۽ ٻين
ضلعن کان آيل سگھڙن
ابل پريو علي
محمد جمالي غلام
حسين رند علي
گل ڪامريڊ يار
علي جمالي ڀٽي
صيفل ابڙو
رحيم بخش جلباڻي
سلطان خان
جمالي ۽ ٻين
ڏات ڌڻين کي
واري واري
سان
اسٽيج تي
سڏيو جن ڏور
بيت ڳجهارتن
پهاڪن ۽ ٻين
فنن جو مظاهرو
ڪندي ٻنڌندڙن
تي وجد طاري
ڪري ڇڏيو ۽ هر
طرف واه واه
جي گونجار
گونجڻ لڳي
ميزبانن سلطان
احمد جمالي
احمد خان
جمالي امتياز
احمد جمالي
فتح محمد
خاصخيلي آيل
مهمانن جي آڌر
ڀاءُ ۾ ڪابه
ڪسر نه ڇڏي
خاص مهمانن ۾
رئيس ممتاز
علي جمالي،
محمد اشرف
زرداري(ايس ايڇ
او)،
عبدالمالڪ
ابڙو (ايس ايڇ
او)، مولا بخش
جمالي، صحافي
شبير احمد
عباسي، بشير
احمد غوري،
بشير احمد
پنهور، شوڪت
علي لاشاري سميت
سوين ماڻهن
ساري رات هن
سجايل محفل کي
تن من سان ٻڌو.
ان
موقعي تي سنڌ
جي مشهور
سگھڙن حڪومت
سنڌ پاران
سگھڙن جي سار
سنڀال نه لهڻ
جي شڪايت ڪئي
هنن گھر ڪئي
ته اسان کي ۽
اسانجي اولاد
کي روزگار ڏئي
اسانجا مسئلا
حل ڪيا وڃن.
تاريخ:29.12.2007 شبير
عباسي